تيرٿ سڀاڻي

تيرٿ سڀاڻي :سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مشھور ليکڪ ۽ صحافيءَ تيرٿ گوبندرام سڀاڻيءَ جو جنم 26 فيبروري 1906ع تي لاڙڪاڻي، سنڌ ۾ ٿيو. لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. 1933ع ۾ ڪجهه عرصو وڪالت پڻ ڪئي. وڪالت دؤران قاضي فضل الله، پير الاهي بخش، خانبھادر ايوب کهڙي ۽ غلام محمد عباسيءَ سان سندس دوستيءَ وارو تعلق رهيو. 1934ع ۾ روزاني اخبار ’هندو‘ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر طور عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ 1947ع تائين اِن عھدي تي فائز رهيو. انقلابي هئڻ ڪري ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين لاڙڪاڻي جي جيل ۾ رهيو. مٿس مھاتما گانڌيءَ جي سياسي نظريي جو گھرو اثر هو. 1945ع ۾ ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچيءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ 16 جنوري 1948ع تي، ڪراچيءَ ۾ ٿيل فسادن سبب هندستان لڏي ويو، جتي هن لڏپلاڻ ڪري آيل سنڌي هندو پناهگيرن جي خيمن جي حفاظت ۽ سار سنڀال لاءِ رفيوجي آفيسر/ ڪئمپ ڪمانڊر ۽ ڪليم آفيسر طور هندستان ۾ سنڌين جي آبادڪاريءَ جي سلسلي ۾ حڪومتي سطح تي ڪم ڪيو. ان کانسواءِ ’گانڌي ڌام‘ ۾ قائم ميونسپل ڪارپوريشن جو صدر ۽ ميتري منڊل ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. 1972ع ۾ ’هندستان ‘نالي سان روزاني سنڌي اخبار جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر ٿيو. ’هندواسي ‘نالي هفتيوار سنڌي مخزن جاري ڪيو ۽ آگسٽ 1990ع ۾ وفات تائين ان جو ايڊيٽر ٿي رهيو. تحريڪ آزاديءَ دوران هن سياسي بيداريءَ لاءِ ڪيترائي مضمون لکيا. ادبي ۽ سياسي حوالي سان مختلف موضوعن تي سندس 22 ڪتاب پڻ شايع ٿيا، جن ۾: ’اندر جنين اُڃ‘، ’جيون ڌارا‘، ’جيون جهروڪا‘، ’اچل پريم‘ (ناول)، ’دل ڪر درخت جي دستور‘ (ناول)، ’سچ جي پيروي‘ (مضمون)، ’صحيح زندگي ۽ اُتم اڻتي‘، ’ايشور منش جي جنم ۾‘، ’ايشور آهي‘، ’ايشور درسن‘، ’سائين جنين ساڻ‘، دُک دُک‘، ’سک ساگر‘، ’جيون جوت‘، ’تنھنجي سرڻ، تھنجي اڇيا‘، ’ايشور ڪرپا‘، ’ديش ڀڳت‘، ’انوکي پريت‘، ’سونھري پشپا‘، ’امرت وچن-سري رام ڪرشن‘، ’امرت وچن- سوامي وويڪانند‘، ’گيتا‘، ’بدلو‘ (ترجمو)، ’جيون ڪلا‘ ۽ ’برهم وديا‘ (مضمون) ۽ ٻيا شامل آهن.9 آگسٽ 1990ع تي ممبئي ۾ وفات ڪئي.


لفظ تيرٿ سڀاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو